ديوان تسليم

ديوان تسليم (ڪتاب): ديوان تسليم علامه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه ولي الله جو شاگرد هو. وڏو عالم هجڻ سان گڏ شاعر به هو. مير علي شير قانع ٺٽوي ’مقالات الشعراء‘ ۾ لکي ٿو ته: ”علامه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو شان اگرچه شاعريءَ کان تمام گھڻو بلند آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس ڪلام ريخته (اردو) ۽ فارسيءَ ۾ آهي. علامه صاحب فارسيءَ ۾ ’تسليم‘ ۽ اردو (ريخته) ۾ ’بيراڳي‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس فارسيءَ ۾ هڪ مڪمل غزلن جو مجموعو ’ديوان تسليم‘ جي نالي سان مشهور آهي. ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيب سان رکيل آهن. ديوان ۾ ٻه سؤ کان مٿي غزل آهن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي گھڻي اپٽار آهي. تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام متاثر ڪندڙ آهي. سندس شاعريءَ تي حافظ شيرازيءَ جو اثر غالب آهي. ديوان ’تسليم‘ کانسواءِ سندس ڪيترا غزل ۽ سلام مختلف قلمي نسخن ۾ به ملن ٿا. ديوان تسليم جوواحد هڪ قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ موجود آهي، جيڪو اڃا تائين ڇپيو نه ويو آهي.


لفظ ديوان تسليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو